Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

سڄو قرآن حضور  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي نعت آهي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي سعادت ملي، اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، نيت دل جي ارادي کي چوندا آهن، دل ئي ۾ نيت ڪري وٺو ته مان اعتڪاف سان آهيان، توهان معتڪف ٿئي ويا. دل ۾ نيت هوندي زبان سان به چئي وٺو: مون سُنت اعتڪاف جي نيّت ڪئي. ان شاءالله الڪريم! جيسيتائين مسجد ۾ رهندؤ نفل اعتڪاف جو ثواب به ملندو رهندو۔  

دُرُود شريف جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! درود شريف پڙهڻ جون بيشمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، قلم لکي لکي گسي ختم ٿي سگهن ٿا، انهن سڀني قلمن جي روشنائي ته ختم ٿي سگهي ٿي، بيان جا الفاظ به ختم ٿي سگهن ٿا، پر حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي درود ۽ سلام جو احاطو نٿو ٿي سگهي. يادکو! دورد پاڪ هڪ اهڙو عمل آهي جو خود ربُّ العزت به ڪندو آهي. جيئن قرآن ڪريم ۾ سيپاري 22 سُورة احزاب آيت نمبر 56 ۾ ارشاد باري تعالٰي آهي:

اِنَّ اللّٰهَ وَ مَلٰٓىٕكَتَهٗ یُصَلُّوْنَ عَلَى النَّبِیِّؕ-یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶)

تَرجمو ڪنزُالايمان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود موڪلين ٿا هن نبي (غيب