Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

هرهر شيءِ جو علم عطا فرمايو ڇوته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو ته جيڪو چاهيو پڇو! ۽ اها ڳالھ اهو چئي سگهي ٿو جنهن جو علم مڪمل هجي.

4۔   قيامت تائين ايمان آڻڻ وارا، ايمان نه آڻڻ وارا ۽ منافق سڀ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علم ۾ آهن. (شانِ حبیب الرحمان، ص۵۴،۵۵  ماخوذاً)  امامِ اهلسنت، عاشقِ ماھِ رسالت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

کہنا نہ کہنے والے تھے جب سے تو اطلاع                        مولیٰ کو قول و قائل و ہر خشک و تر کی ہے

اُن پر کتاب اُتری بَیَانًا لِّکُلِّ شَیئ                                   تفصیل جس میں مَا عَبَر و مَا غَبَر کی ہے

شعرن جو خلاصو: يعني اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان اها آهي ته گفتگو ڪرڻ واري گفتگو اڃان ڪئي ئي نه هئي پر آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان ڳالھ جي به پهريان کان خبر هئي ۽ گفتگو ڪرڻ واري کان به واقف هئا، سندن جي شان اها آهي جو ڪائنات جي هر خشڪ ۽ تر کي ڄاڻن ٿا. ۽ الله ڪريم انهن کي قرآن ڪريم جي صورت ۾ اهڙي عظيم ڪتاب عطا فرمائي آهي جو جنهن ۾ هر شيءِ جو واضع بيان موجود آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو حڪم مڃڻ فرض آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! هڪ ٻيو واقعو، آيتِ ڪريمه، شانِ نزول ۽ تفسير سان ٻڌون ٿا:

مديني وارا! جبلن تان ايندڙ پاڻي مان باغن جو ريج ڪندا هئا، اُتي هڪ انصاري جو حضرت زبير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سان هن ڳالھ تي جهڳڙو ٿي پيو ته پهريان مان پنهنجي زمين کي پاڻي ڏيندس. اهو معاملو حبيبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويو. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ارشاد فرمايو: اي