Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

۾ مختلف موضوعن تي تيار ٿيل بيان تحريري صورت ۾ موجود آهن. اڄ ئي هن ايپليڪيشن کي ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي موبائل جي زينت بڻايو.

 

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں           اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَن تَمَسَّكَ بِسُنَّتِي عِندَ فَسَادِ اُمَّتِي فَلَهُ اَجرُ مِائَةِ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سؤ شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!         یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”قناعت“ سنتِ مصطفيٰ آهي:

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (1) جنهن ايمان آندو، بقدرِ ڪفايت رزق ڏنو ويو ۽ اُن الله پاڪ جي ڏنل تي قناعت ڪئي بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو. (مسلم، زکوٰۃ کی کتاب، قناعت کا باب، صفحہ:376، حدیث:1054)  (2): اي ابوهريره! قناعت اختيار ڪيو سڀ کان وڏا شڪر گذار بڻجي ويندؤ. (ابن ماجہ، زُہد کی کتاب، ورع و تقویٰ کا باب،صفحہ:684، حدیث:4217ملتقطًا)

اي عاشقانِ رسول! قناعت سُنتِ مصطفيٰ آهي. قناعت جي معنيٰ آهي: جيترو ملي اُن تي راضي رهڻ، گهڻي جي خواهش نه ڪرڻ. * اسان جي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جيڪو ڪجھ ملندو هو خوشي سان کائيندا هئا. * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به کاڌي مان عيب نه ڪڍيو. * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:115۔