Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

نمبر119 ۾ بشير (خوشخبري ٻڌائڻ وارو) ۽ ”نذيريڄاريندڙ) فرمايو ويو آهي۔ * سوره مُزّمّل آيت نمبر1 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”مُزَّمِّل* ته سورهءِ مُدّثّر آيت نمبر1 ۾ مُدَّثِّر فرمايو ويو آهي۔ * سورهءِ اٰلِ عمران آيت نمبر 164 ۾ الله پاڪ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي مومنن تي پنهنجو ”احسان“ قرار ڏنو * ته سورهءِ انبياءآيت نمبر 107 ۾ سندن کي تمام عالمين جي لاءِ ”رَحْمَت“ قرار ڏنو۔ * سورهءِ قلم آيت نمبر4 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”صاحبِ خُلُقِ عظيم“ فرمايو * ته سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر1 ۾ صاحبِ معراج فرمايو ويو۔ * سورهءِ بقره آيت نمبر 129 ۾ دعاءِ ابراهيمي* ته سورهءِ صف آيت نمبر 6 ۾ ” بشارتِ عيسيٰ“ فرمايو ويو۔ * سورهءِ ڪوثر آيت نمبر1 ۾ ”صاحبِ ڪوثر* ته سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر79 ۾ ”صاحبِ مقامِ محمود“ قرار ڏنو ويو۔  

اعلٰي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيڏو نه خوب فرمائن ٿا:

اللہ کی سر تا بقدم شان ہیں یہ

اِن سا نہیں انسان وہ انسان ہیں یہ

قرآن تو ایمان بتاتا ہے انہیں

اور ایمان یہ کہتا ہے مری جان ہیں یہ

                                                                                                                                                                                                       (حدائقِ بخشش، ص۲۳۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآن ۽ مدحتِ مُصطفٰي

      پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته قرآن ڪريم ۾ خود ربّ ڪريم پنهنجي محبوب جي ساراھ فرمائي رهيو آهي، پنهنجي محبوب جا اوصاف، شان وعظمت ۽ خصوصيات کي پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ بيان فرمائي رهيو آهي.

    اي عاشقانِ رسول! جنهن جي تعريف پاڻ ان جو رب ڪري ته ڪنهن انسان