Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

پاڪ اوهان جي چهري انور جو قسم ياد فرمايو آهي ۽ واليل فرمائي اوهان جي سياھ زلفن جو قسم ياد فرمايو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

12 ديني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت کي بيان ڪيو ويندو آهي، محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريا ويندا آهن، اوهان به پنهنجي دل ۾ محبت جو چراغ روشن ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي  ديني ماحول سان وابسته ٿي ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم چوڪ درس به آهي۔ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي * چوڪ دَرس بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ * چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ * چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔ * چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ ديني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔ * چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون پهچائڻ جو ذريعو آهي،  

 

      لائنز ايريا (بابُ المدينه ڪراچي) جو هڪ اسلامي ڀاءُ  چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيو، چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيڻ ئي ان جي اِصلاح جو سبب بڻيو. چوڪ درس ۾ شرڪت جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول مليو، چوڪ درس ۾ شرڪت جي برڪت سان تنظيمي ذميداري ملي.  چوڪ درس ۾ شرڪت جي برڪت سان سنتِ مصطفيٰ تي عمل يعني عمامو شريف سجائڻ جي سعادت ملي. 

تمہیں    لُطف    آجائے   گا   زندگی  کا                                 قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز                                    چلے  آؤ  سکھلائے  گا  مَدَنی  ماحول