Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”سڄو قرآن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعت آهي“ جنهن ۾ اسان حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صاحب خلقِ عظيم جي شان ۽ عظمت، فضائل ۽ برڪات ۽ اهي خوبيون جيڪي قرآن ڪريم ۾ بيان ڪيون ويون آهن، مثال طور قرآن ڪريم ۾ ڪٿي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي شفاعت ڪرڻ وارو فرمايو ويو ته ڪٿي سندن کي سِراجاً مُّنيرًا(يعني چمڪندڙ سج) فرمايو ويو۔ ڪٿي سندن کي يٰس ۽ طٰہٰ فرمايو ويو ته ڪٿي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مزّمّل ۽ مُدّثّر فرمايو ويو، مطلب ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جن بيشمار وصفن ۽ خاصيتن سان نوازيو آهي، انهن جي باري ۾ ٻڌنداسين۔    

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اچو! عظمتِ مصطفيٰ سان معمور ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا، پوءِ انهن جي متعلق قرآني آيتون ۽ انهن جي تفسير جا مدني گل به ٻڌون ٿا:

يَارَسُولَ الله اُنظُرحَالَنا

 جڏهن حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه  ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي ڪجھ تعليم ۽ تلقين فرمائيندا هئا ته اهي ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ عرض ڪندا ها. رَاعِنَا یَارَسُوْلَ اللہ هن جملي جي معنيٰ هي هئي ته يارسول الله! صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اسان جي حال تي رعايت فرمايو يعني ڪلامِ اقدس کي چڱي طرح سمجهڻ جو موقعو ڏيو. يهودين جي لغت ۾ اهو ڪلمو بي ادبي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ انهن انهيءَ بري نيت سان چوڻ شرع ڪري ڏنو. حضرت سعد بن معاذ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ يهودين جي اصطلاح کان واقف هو. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هڪ ڏينهن اهو ڪلمو انهن جي زبان مان ٻڌي فرمايو: اي دشمنانِ خدا! توهان تي الله جي لعنت هجي، جيڪڏهن مون هاڻي ڪنهن جي زبان مان اهو ڪلمو ٻڌو ته ان جو ڪنڌ لاهي ڇڏيندس. يهودين چيو: اسان تي ته توهان ڪاوڙ ڪري رهيا آهيو جڏهن ته مسلمان به ته اهو چون