Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

روايتن جو خلاصو هي آهي ته * آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ وارو هوندو* آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو روزيدار کي کاڌو کارائڻ وارو هوندو * آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو غير ضروري گفتگو کان بچندو هوندو * آبِ ڪوثر ان کي نصيب ٿيندو جيڪو راههِ خدا جي مسافرن کي پاڻي پيئارڻ وارو هوندو. (ماہنامہ فیضانِ مدینہ صفرالمظفر ۱۴۴۱ھ، ص۲۱ ملخصاً و ماخوذاً)

ٹھنڈا ٹھنڈا میٹھا میٹھا                     پیتے ہم ہیں پِلاتے یہ ہیں

(الاستمداد، ص۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تنهنجي چمڪندڙ چهري جو قسم

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيل حضور نبي رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعريف ۽ اوصاف جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، ربّ ڪريم پنهنجي پاڪيزه ڪلام ۾ پنهنجي محبوب جي طرح طرح سان تعريف بيان فرمائي آهي. ڪٿي ته ڪيئي ڪيئي آيتن ۾ حضور جي نعت موجود آهي ته ڪٿي سڄي سورت ئي محبوب جا وصف بيان ڪندي نظر ايندي آهي، ڪٿي محبوب جي قدمن کي لڳندڙ خاڪ جو قسم بيان فرمايو آهي ته ڪٿي محبوب جي مبارڪ شهر جو قسم بيان فرمايو آهي۔ ڪٿي محبوب سان نسبت رکندڙ شين جي عظمت ۽ بلندي کي بيان فرمايو آهي ته ڪٿي محبوب جي مُبارڪ چهري جو قسم بيان فرمايو، ته ڪٿي محبوب جي رات جي اونداهي ۾ عبادت ڪرڻ کي بيان فرمايو آهي۔ مطلب ته سڄو  قرآن حضور جي مدح  آهي۔

      سورة والضحيٰ ئي کي ڏسي وٺو ته اها مڪمل سورت ئي حضور عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي تعريف تي مشتمل آهي، خاص ڪري هن جي ابتدائي ٻن آيتن ۾ ته نهايت ئي نِرالي انداز ۾ مُصطفٰي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي