Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

ٿا، ان تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رنجيده ٿي ڪري سرڪارِ دوعالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿيا ئي هئا ته هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي جنهن ۾ ”راعنا“ چوڻ کان منع ڪيو ويو ۽ هن معنٰي جو ٻيو لفظ ”انظرنا“ چوڻ جو حڪم ٿيو. (قرطبی، البقرۃ، تحت الآیۃ: ۱۰۴، ۱/۴۴-۴۵، الجزء الثانی، تفسیر کبیر، البقرۃ، تحت الآیۃ: ۱۰۴، ۱/۶۳۴، تفسیر عزیزی(مترجم)۲/۶۶۹، ملتقطاً)

جيئن ته سيپاري 1 سُورَةُ البقرة جي آيت نمبر 104 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

 

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَقُوْلُوْا رَاعِنَا وَ قُوْلُوا انْظُرْنَا وَ اسْمَعُوْاؕ-وَ لِلْكٰفِرِیْنَ عَذَابٌ اَلِیْمٌ(۱۰۴) (پ 1 البقرة 104)   

ترجموڪنزالايمان؛ اي ايمان وارؤ راعنا (جو لفظ عرض ۾) نه چئو ۽ عرض ڪريو ته آقا اسان تي نظر رکو ۽(پهريائين) غور سان ٻڌو ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.

هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان تفسيرِ صراط الجنان ۾ لکيل ڪجھ علمي فائده خدمت ۾ پيش آهن:

1۔   انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي تعظيم ۽ توقير ۽ انهن جي حضور ۾ ادب جو لحاظ رکڻ فرض آهي ۽ جنهن ڪلمي ۾ ترڪِ ادب جو معمولي به انديشو هجي اهو زبان تي آڻڻ ممنوع آهي.

2۔   اهي الفاظ جن جا ٻه معنٰي هجن، سُٺا ۽ برا ۽ لفظ ادا ڪرڻ ۾اُن بُري معنيٰ جي طرف به ذهن ويندو هجي ته اهو به الله پاڪ ۽ حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي لاءِ نه استعمال ڪيو وڃي.

3۔   اهو به معلوم ٿيو ته حضور پرنورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ جو ادب ربُّ الۡعَامِين پاڻ سيکاري ٿو ۽ تعظيم جي متعلق احڪام پاڻ جاري فرمائي ٿو.

4۔   هن آيت ڪريمه ۾ هن ڳالھ جي طرف اشارو آهي ته انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي حضور ۾ بي ادبي ڪفر آهي

 جڏهن ته مشهور مفسرِ قرآن، حضرت مفتي احمديارخانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيتِ مبارڪه