Book Name:Aqal Mand Mubaligh

نهايت نرمي سان فرمايائون: پُٽ! مان فلمون ناهيان ڏسندو، البته اوهان مون کي دعوت پيش ڪئي ته سوچيم مان به اوهان کي دعوت پيش ڪيان، هينئر اِن شَآءَ الله! گلزارِ حبيب مسجد ۾ سنتن ڀريو اِجتماع ٿيندو، اوهان کي شرڪت جي درخواست آهي، جيڪڏهن اوهان هينئر اچي نٿا سگھو ته پوءِ ڪڏهن موقعو ملي ته ضرور اچجو. ايترو چوڻ کان بعد امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ان کي هڪ عِطر جي شيشي تحفي ۾ پيش ڪئي ۽ اجتماع جي لاءِ هليا ويا۔

  ڪجھ سالن کان بعد امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه وٽ هڪ اسلامي ڀاءُ حاضِر ٿيو، ظاهري حليو سُنتن سان آراسته هو، مٿي تي عمامي شريف جو تاج به سجايل هو، ان امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کي عرض ڪيو: حُضُور! ڪجھ سال پهريان هڪ نوجوان اوهان کي فِلم ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ اوهان ڪمال صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي، ناراض ٿيڻ بدران اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي هئي، اهو نوجوان مان ئي آهيان۔ مان اوهان جي عظيم حُسنِ اَخلاق سان بيحد مُتَاَثِّر ٿيس ۽ هڪ ڏينهن اجتماع ۾ اچي ويس، پوءِ مون تي ڪرم جي نظر ٿي وئي ۽ الحمد لله! مان گُنَاهن کان توبه ڪري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته  ٿي ويس ۔ (تعارُفِ امیر اہلسنت، صفحہ:40)

امیر اہلسنت آپ کی ہمت کا کیا کہنا                     جو بد کو نیک کر دیتی ہے اس دعوت کا کیا کہنا

جو صحبت میں تری آئے وہ عشقِ مصطفےٰ پائے     میرے محسن تری مجلس، تری صحبت کا کیا کہنا

جسے تم پیار سے دیکھو، تمہارا دِل سے شیدا ہو       محبت بانٹنے ولی تری فطرت کا کیا کہنا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اُمَّت جو بهترين شخص ڪير آهي...؟

اي عاشقانِ رسول! نَرمي سان، پيار سان، حڪمتِ عملي سان، موقعي جي مناسبت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ماڻهن کي دِين ڏانهن سڏڻ تمام وڏي