Book Name:Aqal Mand Mubaligh

مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مون کي حڪم ڏنو ويو ته ماڻهن سان انهن جي عقلن جي مطابق خِطَاب ڪيان۔ (اَسْنَی المطالب، صفحہ:123)

پيارا اسلامي ڀائرو! آيت سڳوري ۾ ٻه لفظ ارشاد ٿيا: (1): حڪمت (2): مَوعِظَهِ حَسَنَه. حڪمت ڇا آهي؟ مَوعِظَه حَسَنَه ڇا آهي؟ هن باري ۾ مفسر سڳورن ڪافِي وضاحت ڪئي آهي:

حڪمت جي وَضاحت

* امام جَلالُ الدِّين سُيوطي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حڪمت مان مراد آهي: قُرآن.  (تفسیر جلالین، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125) يعني قرآنِ ڪريم جون آيتون ٻڌائي، قرآنِ ڪريم جي تعليمات ٻڌائي، قرآنِ ڪريم ۾ ڏنل دليل ٻڌائي، قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيل حڪمت جون ڳالهيون ٻڌائي ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيو ۽ انهن کي الله پاڪ جي دِين ڏانهن سڏيو! * عَلَّامه بيضاوي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حڪمت مان مراد آهي: مضبوط دليل۔ (تفسیربیضاوی، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125) يعني جڏهن توهان نيڪي جي دعوت ڏيو ته ڪچي ڳالھ نه ڪيو، مضبوط دليل سان نيڪي جي دعوت ڏيو۔ * عَلَّامه نسفي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حڪمت مان مراد آهي: اَفعَال جي مرتبن کي ڄاڻڻ۔ (تفسیر مدارک، پارہ:14، سورۂ نحل، زیرِ آیت:125) مطلب اهو آهي ته نيڪي جنهن ڏانهن ماڻهن کي سڏڻو آهي ۽ گُنَاھ جنهن کان ماڻهن کي روڪڻو آهي، ان ٻنهي جا درجات آهن؛ بعض نيڪيون فرض جي درجي جون آهن، بعض واجب آهن، بعض سُنّتِ مؤڪده آهن، بعض سُنَّتِ غير مؤڪده آهن، بعض مستحب آهن، ايئن ئي شريعت جي منع ڪيل ڳالهين جا درجا آهن، بعض منع ڪيل ڳالهيون حرام آهن، بعض مڪروه تحريمي آهن، بعض مڪروه تنزيهي آهن، بعض خلافِ اَوليٰ آهن، اهڙي طرح باطني گُنَاهن جا ۽ باطني نيڪين جا درجات آهن، اهي سڀ شريعت جا اُصُول آهن، جيڪو نيڪي جي دعوت ڏيندڙ آهي، ان کي گھرجي ته اهي تمام ڳالهيون سکي ۽ انهن جو لحاظ رکي حڪمتِ عملي سان نيڪي جي دعوت کي عام