Book Name:Aqal Mand Mubaligh

وارا رضاءِ اِلٰهي جا طلب گار ٿي ويا * شرابي آيا، توبه ڪري پاڪيزه انسان بڻجي ويا * غافِل آيا، عبادت گذار ٿي ويا * ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ ملي وئي * هزارين ڪافِرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. ايئن هڪ هڪ ٻه ٻه ايندا ويا، نيڪي جي دعوت جي هن سفر ۾ پاڻ سان ملندا ويا، ڪاروان بڻجندو ويو ۽ الحمد لله! نيڪي جي دعوت جو اهو ديني پيغام سڄي دُنيا ۾ پهچي ويو۔

اے امیرِ اہلسنت تیری شوکت زندہ باد                       تجھ سے دُنیا بھر میں ہے دِیں کی اشاعت زندہ باد

تیرے دم سے آئی وہ دین و شریعت کی بہار               اعلیٰ حضرت زندہ اور صدرِ شریعت زندہ باد

تیری مجلس میں گئے جو بن گئے صالح سعید                  نوجواں پر ہو ترا فیضانِ صحبت زندہ باد

گوشہ گوشہ دنیا کا ہونے لگا ہے فیض یاب                    عام ہر سُو ہو گیا فیضانِ سُنَّت زندہ باد

(مناقب عطار، صفحہ:15-16)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شراب جو عادِي سُڌري ويو

ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: منهنجو هڪ جگري دوست هو جيڪو تمام گھڻو ماڊرن، جواء ۽ شراب جو عادِي هو، مَعَاذَ الله! گُنَاهن تي ايترو دلير هو جو ڪنهن نموني نه مڙندو هو، هڪ ڀيري مون ان کي اميرِ اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو آڊيو بيان ڏنو۔

ان جڏهن اهو بيان ٻڌو ته امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جا الفاظ تاثير جو تِير بڻجي ان جي دِل ۾ پيوست ٿيڻ لڳا، الحمد لله! امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي بيان جي برڪت سان حيرت انگيز طَور تي ان جي دِل ۾ مدني انقلاب برپا ٿيو ۽ ان گُنَاهن کان توبه ڪري ورتي، ڏاڙھي شريف به رکي ورتي ۽ مٿي تي عمامي شريف جو تاج به سجائي ورتو۔ (تعارُفِ امیر اہلسنت، صفحہ:26)