Book Name:Aqal Mand Mubaligh

ضروري هونديون آهن: (1): اُن ڪم کي ڪرڻ جي صلاحيت (2): حڪمتِ عملي۔   جديد تحقيقات جي مطابق ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي جو هڪ فارمولو بڻايو ويو آهي:

Success                           =                                    Strategy: 80%                                                    +                                               Skills: 20%

يعني: ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي صلاحيت: 20 سيڪڙو، حڪمتِ عملي: 80 سيڪڙو هجي ته نتيجو ڪاميابي نڪري ٿو۔ مقصد اهو ته ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي جي لاءِ صِرف مهارت ڪافي نه آهي، حڪمتِ عملي جو هئڻ اشَد ضروري آهي، ان جي بغير ڪاميابي ملڻ نهايت مشڪل آهي۔

دعوتِ اسلامي جي ڪاميابي ۾ به الحمد لله! تمام وڏو ڪردار امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي حڪمتِ عملي جو آهي. امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جڏهن کان دعوتِ اسلامي جو آغاز فرمايو، تڏهن کان هينئر تائين پاڻ غور و فِڪر سان، مشورن جي ذريعي موقعي جي مُطَابق، بروقت ۽ دُرُست فيصلا ڪندا ويا، پوءِ پاڻ ۾ مشوري سان جيڪو طئي ٿيو، ان کي عملي جامو پارائيندا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سندن لڳايل ٻوٽو (يعني دعوتِ اسلامي) وقت سان گڏوگڏ وڌندو ويو ۽ هاڻي الحمد لله! مضبوط وڻ جي صُورت ۾ دُنيا جي سامهون آهي۔

دعوتِ اسلامي ۽  دِيني خدمتن جا  شعبا

اوهان ٿورو غور ڪريو! * 1981ء ۾ دعوتِ اسلامي جو آغاز ٿيو، دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ پهريون ديني ڪم آهي: هفتيوار اجتماع۔ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ڪراچي ۾ هفتيوار اجتماع جو آغاز فرمايو، هِتان کان نيڪي جي دعوت عام ٿيڻ لڳي * مسجِدن ۾ دَرس شروع ٿيا * پوءِ ضرورت محسُوس ٿي ته مَسجِد ۾ اچڻ وارن تائين ته نيڪي جي دعوت پهچي رهي آهي پر جيڪي مسلمان بدقسمتي سان مسجدن کان پري آهن، انهن کي ڪيئن مسجد ۾ آندو وڃي، ان جي لاءِ چوڪ درس شروع ٿيا * پوءِ دعوتِ اسلامي ڪنهن هڪ علائقي جي تحريڪ نه هئي، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه اهو