Book Name:Aqal Mand Mubaligh

بعض مفسر سڳورن فرمايو ته مَوْعِظَۂِ حَسَنَہ جو مطلب آهي: ساديون  ساديون ڳالهيون ڪرڻ، آسان آسان مثالن جي ذريعي، واقعن جي ذريعي سمجھائڻ۔

 اهو سڄو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو هڪ انداز آهي ۽ هن ڪم جا پنهنجا تقاضا آهن، مبلغ کي گھرجي ته انهن تقاضن کي پُورو ڪري ۽ انهن جي مطابق نيڪي جي دعوت ڏئي۔

اهو نيڪي جي دعوت جي انداز جو مختصر بيان آهي، جيڪڏهن هن بابت تفصيل چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو ڪتاب ”نيڪي جي دعوت“ پڙھو۔

امير اهلسنت  دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه  جو اندازِ  تبليغ

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان نيڪي جي دعوت جون فضيلتون ٻڌيون، نيڪي جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي، ان جو مختصر بيان به ٻُڌو، هاڻي اچو! دورِ حاضِر جي عَظِيمُ الشَّان مبلغ جن حڪمتِ عملي ۽ پنهنجي خوبصورت اندازِ تبليغ جي ذريعي سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪيو يعني شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي اندازِ تبليغ تي ٿورو غور ڪيون ٿا۔

* شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه فِطرِي طور تي حُسَّاس طبيعت جا مالڪ آهن۔ شروع کان ئي سندن اهو انداز رهيو آهي ته پاڻ گُنَاھ ٿيندي ڏسي خاموش نه رهي سگھندا هئا، جتي ڪنهن کي گُنَاھ ڪندي ڏٺو يڪدم موقعي مناسبت سان، حڪمتِ عملي سان نيڪي جي دعوت ڏئي ان کي گُنَاھ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن * سيپٽمبر 1981ء ۾ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه دعوتِ اسلامي جو آغاز فرمايو، توڙي جو پهريان به نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا پر جڏهن ”دعوتِ اسلامي“ جو آغاز ٿيو، ان وقت کان امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو باقاعده سلسلو شروع ڪيو * امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ