Book Name:Aqal Mand Mubaligh

مدنی اِنعامات کے عامِل پہ ہر دم ہر گھڑی             یا اِلٰہی! خوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی

 

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هاڻي ”مدني انعامات“ کي ”نيڪ اعمال“ چيو ويندو آهي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَن تَمَسَّكَ بِسُنَّتِي عِندَ فَسَادِ اُمَّتِي فَلَهُ اَجرُ مِائَةِ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سو شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔ (زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207)

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!                     یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے

(وسائل بخشش، صفحہ:115)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”گھروارن تي خرچ“ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

 ٻه 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : * قيامت جي ڏينهن ميزانِ عمل تي سڀ کان پهريان ٻانهي جو پنهنجي گھر وارن تي خرچ ڪيل مال رکيو ويندو۔ (معجم الاوسط ،جلد:4، صفحہ: 329، حدیث: 6135) * جيڪو ثواب جي نيت سان پنهنجي گھر وارن تي خرچ ڪري ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي۔ (مسلم ،کتا ب :الزکاۃ، صفحہ:502، حدیث:1002)

اي عاشقانِ رسول! گھروارن تي خرچ ڪرڻ سُنّت مصطفيٰ آهي۔ * پيارا