Book Name:Aqal Mand Mubaligh

قادياني مسلمان ٿي ويو

هڪ ڀيري شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه نيڪي جي دعوت جي سلسلي ۾ فيصل آباد آيا، اتي پاڻ اجتماع ۾ بيان فرمايو، ان اجتماع ۾ هڪ قادياني به شريڪ هو، اهو توڙي جو تنقيدي ذِهن سان اجتماع ۾ آيو هو پر امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي پُراَثَر بيان جو ان تي اهڙو اَثر ٿيو جو گھر وڃي سڄي رات روئيندو رهيو، پوءِ ان امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کي خط لکي ٻڌايو ته مان پاڻ به قادياني آهيان ۽ اڃا تائين 70 مسلمانن کي گمراھ ڪري قادياني بڻائي چُڪو آهيان، هاڻي مان توبه تائب ٿي مسلمان ٿيڻ چاهيان ٿو، مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ان کي يڪدم جواب لکي تلقين ڪئي! ته اوهان پاڻ يڪدم اسلام قبول ڪيو ۽ جن مسلمانن کي گمراه ڪيو آهي، انهن کي به ٻيهر مسلمان ڪرڻ جي ڪا صُورت ڪڍو۔ الحمد لله! امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو جوابي خط ملندي ئي اهون ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو، پوءِ ان پنهنجي گھر وارن کي به امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جا بيان ٻُڌايا، جنهن جي برڪت سان ان جو سڄو خاندان ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔ (تذکرہ امیر اہلسنت، قسط:1، صفحہ:10)

گونگن ٻوڙن  اسلامي ڀائرن  کي  نيڪي جي دعوت

دعوتِ اسلامي جي شروع شروع جي ڳالھ آهي، شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ڪجھ اسلامي ڀائرن کي گڏ وٺي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ کارا دَر (ڪراچي) جي علائقي ۾ ويا، اتي سندن نگاھ هوٽل ۾ ويٺل ڪجھ گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن (Special Persons) تي پئي، پاڻ هوٽل ۾ داخِل ٿيندي ۽ انهن کي اشارن جي ذريعي نماز جي دعوت ڏني۔ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي ان نيڪي جي دعوت جي جواب ۾ گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن (Special Persons) اشارن ئي جي ذريعي ٽال مٽول ڪئي پر امير اهلسنت ڪوشش جاري رکي ۽ انهن کي اشارن جي ذريعي نماز قضا ڪرڻ جا عذاب ٻڌايا، الحمد لله!