Book Name:Aqal Mand Mubaligh

نام الیاس عطارؔ ہے جس کا وہ                                    رہبرِ اہلسنت سلامت رہے

روشنی جس کی جگ میں ہے پھیلی ہوئی                          ماہتابِ ولایت سلامت رہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم: نيڪ اَعمَال

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ اوهان به عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، وڌ کان وڌ 12 ديني ڪمن ۾ حِصّو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِين ۽ دُنيا جون بي شُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔

دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم آهي: 72 نيڪ اَعمَال۔ اهو شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو عطا ڪيل مختصر رِسالو آهي، جنهن ۾ نيڪ ڪمن تي مشتمل 72 سُوال ڏنا ويا آهن، هر سوال هيٺ خانا ڏنل آهن، روزانو پنهنجي عملن ۾ غور ۽ فِڪر ڪندي، انهن خانن کي ڀرڻو آهي. 72 نيڪ اعمال نيڪ بڻجڻ جو انمول نسخو آهي۔

منهنجو ڀاءُ پنج وقت جو نمازي بڻجي ويو

ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: اسان جي مسجد جو امام صاحب دعوتِ اسلامي سان وابسته آهي، ان هڪ ڏينهن منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال جو رسالو تحفي ۾ ڏنو، ان گھر آندو ۽ ان کي پڙهيائين ته حيران ٿي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي. نيڪ اعمال رسالو ملڻ جي برڪت سان الحمد لله ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويو ۽ هاڻي پنج وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي ورتي ۽ نيڪ اعمال جو رسالو به ڀرين ٿا۔