Book Name:Aqal Mand Mubaligh

عِلم ۾ ڏسو، بي مثال آهن، عَمَل ۾ ڏسو، بي مثال آهن، مطلب؛ کوڙ ساريون خوبيون آهن جيڪي الله پاڪ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کي عطا ڪيون آهن پر نيڪي جي دعوت جو ديني ڪم سڄي دُنيا ۾ عام ڪرڻ جي اعتبار سان امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جون ٽي صفتون تمام اَهم آهن:

* اِخلاص: امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه الحمد لله! هميشه رِضاءِ اِلٰهي جا طلب گار رهن ٿا، پاڻ نيڪي جي دعوت جو ديني ڪم به ڪڏهن ڪنهن دُنياوي لالچ سبب ناهي ڪيو بلڪه دعوتِ اسلامي جي ابتداء ۾ جڏهن امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ڏور ڏورانهون علائقن ۾ وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪندا هئا، ان وقت پاڻ پنهنجو ماني جو ٽفن گڏ رکندا هئا، ايستائين جو لوڻ جي ڊٻي ۽ پاڻي به گڏ هوندو هو ته جيئن ماڻهن کان سُوال نه ڪرڻو پوي۔

* استقامت: امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جڏهن دعوتِ اسلامي جو آغاز ڪيو ته نيڪي جي دعوت جي ان سَفَر ۾ تمام گھڻيون رُڪاوٽون به آيون، کين ستايو به ويو، مالي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو بلڪه پاڻ تي قاتِلاڻا حملا پڻ ٿيا، ان جي باوُجُود امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه نيڪي جي دعوت جي ان ديني ڪم کان پوئتي نه هٽيا، استقامت سان پنهنجي مدني مقصد جي تڪميل ۾ مَصرُوف رهيا، ايستائين جو الله پاڪ دعوتِ اسلامي کي عُرُوج عطا ڪيو۔

* حڪمتِ عملي: امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي هڪ تمام وڏي خوبي اها آهي جو الله پاڪ کين ”حڪمتِ عملي“ جي نعمت  سان نوازيو آهي۔

حڪمتِ عملي ڇا  آهي...؟

 حڪمتِ عملي هڪ وسيع لفظ آهي، ان جي باقاعده تعريف (Defination) ڪرڻ دُشوار آهي، مختصر طور تي ايئن سمجھو ته ”موقعي جي مناسبت سان بر وقت ۽ دُرُست فيصلا ڪرڻ جو نالو حڪمتِ عملي آهي.

 ياد رکو! ڪنهن به ڪم ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ بنيادي طور تي ٻه شيون