Book Name:Aqal Mand Mubaligh

تعليمات آهي؟ ۽ بانيءِ دعوتِ اسلامي شيخِ طريقت اميراهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو دعوتِ اسلامي بنائڻ، هلائڻ ۽ سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ ڪهڙو انداز رهيو، هن باري ۾ اڄ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي اسان سعادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان کي قرآن ۽ حديث کي پڙھڻ، سمجھڻ ۽ ان جي مطابق عَمَل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ۽ الله پاڪ بانيءِ دعوتِ اسلامي شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي، سندن ۽ سندن آل اولاد کي عافيت واري وڏي زِندگي عطا فرمائي، ڇوته کين هن پُر فِتَن دَور ۾ نيڪي جي دعوت کي خُوب عام ڪيو آهي۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

جڏهن فِلم ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي...

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي شروع شروع جي ڳالھ آهي، انهن ڏينهن ۾ دعوتِ اسلامي جو هفتيوار اجتماع دعوتِ اسلامي جي اڳوڻي مدني مرڪز ”گلزارِ حبيب مسجد (سولجر بازار، ڪراچي)“ ۾ ٿيندو هو۔ هڪ ڏينهن بانيءِ دعوتِ اسلامي شيخ طريقت امير اهلسنت حضرت علامه مولانا الياس عطار قادري رضوي دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه اسلامي ڀائرن سان گڏ هفتيوار اِجتماع ۾ وڃي رهيا هئا.  رستي ۾ هڪ هنڌ سينما گھر وٽان لنگھڻ ٿيو، اتي هڪ نوجوان فِلم جي ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل هو، ان جڏهن امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کي ڏٺو ته مَعَاذَ الله! وڏي آواز سان پُڪاري چيائين: مولانا! تمام بهترين فِلم لڳل آهي، اچي ڏسو...!

ان نوجوان جي اهڙي بدتميزي تي شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه ڪاوڙ ۾ نه آيا بلڪ پاڻ وڏي ڪمال حڪمتِ عملي، صبر ۽ تحمُّل جو مُظَاهرو ڪندي پهريان بلند آواز سان ان نوجوان کي سلام ڪيائون، پوءِ ويجھو وڃي