Book Name:Aqal Mand Mubaligh

سندن خلوص ڀري دعوت جي برڪت سان اهي گونگا ٻوڙا اسلامي ڀائر گڏجي مسجد هلڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا، اتي نماز کان بعد کين بيان فرمايو، بيان کان بعد ملاقات جي دوران ٻيهر انهن گونگن ٻوڙن تي شفقت فرمائي۔ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جي هن ڪوشش ۽ شفقت جي برڪت سان مَاشَآءَ الله! اهي گونگا ٻوڙا اسلامي ڀائر دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويا ۽ عَطّاري به بڻجي ويا۔ ان کان بعد ئي گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن ۾ باقاعِده نيڪي جي دعوت جو ڪم شروع ٿيو، جلد ئي نه صِرف پاڪستان بلڪه ٻاهرين ملڪن (Overseas) ۾ به گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن تائين دعوتِ اسلامي جو پيغام وڃي پهتو۔ (تذکرہ امیر اہلسنت، قسط:1، صفحہ:12) هاڻي دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول ۾ گونگن ٻوڙن اسلامي ڀائرن کي اِسپَيشل پَرسَنز (Special Persons يعني خصوصي اسلامي ڀائر) چيو ويندو آهي۔

جس نے ہر سُو ہے سُنَّت کا چرچا کیا                          ایسے حامئ سُنَّت کی کیا بات ہے

جس نے روشن کیا سنتوں کا دِیا                                 اس امیر اہلسنت کی کیا بات ہے

جس نے بدلے ہیں لاکھوں کروڑوں کے دِل           ان کی نظرِ ولایت کی کیا بات ہے

دیکھ کر اُن کو سب ہیں یہی بولتے                            اس ولی کی زیارت کی کیا بات ہے

(مناقب عطار، صفحہ:139)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جون ڪجھ اعليٰ صِفتون

  پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کي الله پاڪ کوڙ سارين خوبين سان نوازيو آهي، پاڻ کي تقويٰ ۾ ڏسو، بي مثال آهن، خوفِ خُدا ۾ ڏسو، بي مثال آهن، عشقِ مصطفيٰ ۾ ڏسو، بي مثال آهن، صبر ۽ استقامت ۾ ڏسو، بي مثال آهن، عِبَادت ۽ رياضت ۾ ڏسو، بي مثال آهن،