Book Name:Aqal Mand Mubaligh

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سچي نيت ٻانهي کي جنّت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

 

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * علم دين سکي، ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمائيندس.  

اچّھی اچّھی نیّتوں کا ہو خدا جذبہ عطا                      بندۂ مُخلِص بنا، کر عَفْو میری ہر خطا

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ يومِ دعوتِ اسلامي آهي۔ الحمد لله! سيپٽمبر 1981 عيسوي تي عاشِقَانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو آغاز ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 40 سال جي مختصر عرصي ۾ هن عَظِيمُ الشَّان ديني تحريڪ سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي ڇڏيون۔

اللہ کی نعمت ہے یہ دعوتِ اسلامی                       آقا کی عنایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

فیضانِ رضا ہے اور یہ غوث کا فیضاں ہے               خواجہ کی حمایت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

عُشَّاقِ محمد کی ٹھنڈک ہے یہ آنکھوں کی                    ہر دِل میں سِرَایَت ہے، یہ دعوتِ اسلامی

 اي عاشقانِ رسول! نيڪي جي دعوت دِين جو اهم ترين فريضو آهي، اسان کي نيڪي جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي؟ هن بابت قرآنِ ڪريم جي ڪهڙي