Book Name:Aqal Mand Mubaligh

حوالي ڪري ڇڏيو، هاڻي دعوتِ اسلامي جا سڀئي دِيني ڪم مَجلِسِ شُوريٰ تحت هلن ٿا۔ دعوتِ اسلامي جي دِيني ڪمن جي لاءِ ايئن مجلسن جو نظام بنائڻ ۾ کوڙ ساريون حڪمتون ۽ فائدا آهن، اُنهن ۾ هڪ حڪمت اها به آهي ته توڙي اَفراد دُنيا کان هليا به وڃن، تڏهن به دعوتِ اسلامي جو دِيني ڪم
اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هلندو رهندو، نيڪي جي دعوت عام ٿيندي رهندي ۽ دِين جو پيغام سڄي دُنيا ۾ پهچندو رهندو۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم!۔

الله پاڪ اسان کي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه جو صدقو نصيب ٿئي ۽ اسان عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺڻ وارا بڻجي وڃون۔

دَعوتِ اسلامی کی قَیُّوم،  سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم                    اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ، یااللہ مری جھولی بھر دے

 غوثِ پاڪ رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ فرمان

اچو! پيرانِ پير، پير دستگير، حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبد القادرجيلاني رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ مبارڪ فرمان مختصر وضاحت سان ٻڌون ٿا۔ حُضُور غوثِ اعظم رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ماڻهن جا چار قسم آهن:

* : پهريون اهو شخص ”لَا لِسَانَ لَہٗ وَ لَا قَلْبَ“ جنهن وٽ نه زبان آهي نه دِل آهي (يعني اهو شخص جيڪو نه پنهنجي اِصلاح ڪري ٿو، نه ٻين جي، نه ان جي دِل ۾ نيڪي جو خيال آهي، نه زبان تي نيڪي جي دعوت۔ غوثِ پاڪ رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:) بارگاھ اِلٰهي ۾ ان جي ڪا قَدر ۽ قيمت نه آهي، لهٰذا اهڙو ڪڏهن نه ٿجانء ڇوته ان شخص تي الله پاڪ جو عذاب لهندو آهي، ها! الله پاڪ ان کي پنهنجي رحمت سان هدايت عطا فرمائي ته اهو نيڪ بڻجي ويندو آهي * : ٻيو اهو شخص لَہٗ لِسَان بِلَا قَلْبٍ جنهن وٽ زبان آهي، دِل نه آهي (يعني اهو شخص جيڪو ٻين کي ته نيڪي جي دعوت ڏئي ٿو، پاڻ عمل نٿو ڪري، غوثِ پاڪ رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن