Book Name:Aqal Mand Mubaligh

سَعَادت آهي. صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللّهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: خِیَارُ اُمَّتِیْ مَنْ دَعَا اِلَی اللہِ تَعَالٰی وَ حَبَّبَ عِبَادَہٗ اِلَیْہِ منهنجي اُمّت جو بهترين شخص اهو  آهي جيڪو  الله پاڪ ڏانهن سڏي ۽ الله پاڪ جي ٻانهن جي دِلين ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ڪري۔ (جامِع صغیر، صفحہ:378، حدیث:3979)

 هن حديثِ پاڪ ۾ اسان جي پياري آقا، محبوبِ خُدا، سردارِ انبياء، جنابِ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اُمَّت جي بهترين شخص جي نشاندهي ڪئي آهي. اسان جي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناز ڀري نگاھ ۾ اُمَّت جو بهترين شخص اهو آهي جنهن ۾ ٻه صفتون هجن: (1): اهو ماڻهن کي الله پاڪ ڏانهن سڏيندو هجي يعني اهو شخص ماڻهن کي الله پاڪ جي دِين ڏانهن سڏيندو هجي، دُرُست اسلامي عقيدن ڏانهن سڏيندو هجي، نماز جي دعوت ڏيندو هجي، روزن جي دعوت ڏيندو هجي، تِلاوتِ قرآن جي دعوت ڏيندو هجي، حُسنِ اَخلاق جي دعوت ڏيندو هجي، ٻانهن جي حقن جي ادائيگي جي دعوت ڏيندو هجي، مطلب ته؛ جيترا به نيڪي جا ڪم آهن، انهن ڏانهن سڏڻ، اهو الله پاڪ ئي ڏانهن سڏڻ چئبو، ڇوته هر نيڪي الله پاڪ جي قُرب جو ذريعو ٿيندي آهي (2): پوءِ ان سان گڏوگڏ ان ٻانهي ۾ ٻئي وَصف اها هجي ته هو الله پاڪ جي ٻانهن جي دِلين ۾ الله پاڪ جي محبّت پيدا ڪري۔ مثال طور حڪمتِ عملي سان، پنهنجي پُرڪشش ڪردار ۽ پُرتاثير زبان جي ذريعي ماڻهن کي زُهد ۽ تقويٰ جي رغبت ڏياري، ماڻهن جي دِلين مان دُنيا جي محبت ڪڍي، دِلين ۾ آخرت جو فڪر پيدا ڪري، نَفسِ اَمَّاره جيڪو محبتِ اِلٰهي جي راھ ۾ سڀ کان وڏي رُڪاوٽ آهي، خوفِ خُدا جي ذريعي ان جو زور ٽوڙي، پوءِ رحمتِ اِلٰهي جي اُمِّيد ڏياري انهن کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بيهاري ڇڏي۔

عَلَّامه مناوي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمان جو مَضمُون آهي: اهي ٻئي ڳالهيون يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ٻانهن جي دِلين ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ڪرڻ، ان