Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَیْتُ سُنَّتَ الْاِعْتِکَاف جي معنيٰ آهي: مون سُنّت اعتڪاف جي نيت ڪئي. مسجد ۾ اچڻ ثواب جو ڪم آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي، هر ڀيري ياد ڪري عربي، سنڌي يا ڪنهن به زبان ۾ اعتڪاف جي نيت به ڪرڻ گهرجي! اِنْ شَآءَ اللہ! هن جي برڪت سان جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

اسلام جو ٻيون خليفو، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائي ٿو: بيشڪ دُعا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ رهندي آهي، هن مان ڪا شيء مٿي ڏانهن ناهي ويندي، ايستائين جو توهان پنهنجي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پاڪ نه پڙھي وٺو۔([1])


 

 



[1]...ترمذی، ابواب:الوتر، صفحہ:145، حدیث:486۔