Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

کان مُتَاَثِّر ٿي مسلمان ٿيا، ڪجھ صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان دليل ٻُڌي، اسلام جي سچائي ڏسي مسلمان ٿيا، بعض صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان مثال طور حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه بنا ڪنهن دليل جي، بنا معجزو ڏسڻ جي مسلمان ٿيا، بعض صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان قرآنِ ڪريم ٻُڌي، قرآنِ ڪريم پڙهي مسلمان ٿيا، اهي جيڪي قرآنِ ڪريم پڙهي، ٻُڌي مسلمان ٿيڻ وارا آهن، انهن ۾ سرِ فهرست نالو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو آهي، هڪ روايت ۾ آهي: جڏهن سندن ڀيڻ پاڻ کي قرآنِ ڪريم ڏنو، کولي پڙهڻ شروع ڪيو ته جيئن جيئن پاڻ پڙهندا ويا سندن تي ڏڪڻي طارِي ٿيندي وئي، نيٺ ايمان سندن دِل ۾ لهي ويو ۽ پاڻ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا۔ ([1])

رسول اللہ نے فاروق کو اللہ سے مانگا        عطاءِ رَبِّ سُبْحَاں حضرتِ فاروق اعظم ہیں

چُنا اس پاک نے دیں کے لئے اس پاک ستھرے کو                          حبیبِ دِین داراں حضرتِ فاروق اعظم ہیں([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مُوَافقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه

مُحَدِّث سڳورا ۽ علماءِ ڪرام رَحۡمةُ اللهِ عَلَيۡهم جڏهن ٻي خليفي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ بيان ڪندا آهن ته ان ۾ هڪ خاص عُنوان ذِڪر ڪيو ويندو آهي: مُوَافِقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه۔

اهو عنوان خاص حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جو آهي، ان کان عِلاوه ٻي ڪنهن صحابيرَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت ۾ باقاعِده سان  ”مُوَافقات“ بيان ناهن ڪيون وينديون۔


 

 



[1]...مسند بزار، اسلم مولی عمرعن عمر، جلد:1، صفحہ:401، حدیث:279ملتقطاً۔

[2]...دیوانِ سالک، صفحہ:28۔