Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

ڪيائون۔ ([1])

رِقَّت سبب ساھه اُکڙجي ويو (حڪايت)

حضرت حَسَن رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي: هڪ ڀيري اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه سورۂ طُور جي آيت:7 ۽ 8 جي تِلاوت ڪئي:

اِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌۙ(۷) مَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍۙ(۸)  (پاره27،سورۂ طور:7تا8) 

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب ضرور ٿي رهڻو آهي. ان کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي.

اهي آيتون پڙهي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿيو ۽ اهڙي رِقَّت طارِي ٿي جو روئيندي روئيندي سندن ساھ اُکڙجي ويو ۽ ڪم و بيش 20 ڏينهن تائين سندن اها ئي ڪيفيت رهي۔ ([2])

تِرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ         میں تھر تھر رہوں کانپتا یااِلٰہی([3])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  اي عاشقانِ رسول! اهو آهي اسلام جو ٻيو خليفو، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه...! کين قرآنِ ڪريم سان ڪيتري محبت هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪيڏي محبت سان، ڪيتري پيار سان، قرآنِ ڪريم جي معني ۽ مفهوم ۾ گم ٿي، خوفِ خُدا سان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندا هئا، اسان به الحمد لله! مسلمان آهيون۔ اسان ٿورو پنهنجي اندر به جھاتي پائي ڏسون، هر ڪو پنهنجي


 

 



[1]...کنزالعمال، کتاب:الفضائل، جزء:12، جلد:6، صفحہ:264، حدیث:35828۔

[2]...کنزالعمال، کتاب:الفضائل، جزء:12، جلد:6، صفحہ:264، حدیث:35827۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔