Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

اهي صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان جيڪي بارگاھِ رسالت ۾ پنهنجو آواز هلڪو رکندا هئا، خاص ڪري حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن جي باري ۾ هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ انهن جون دِليون تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي لاءِ پرکيون آهن، انهن جي لاءِ آخرت ۾ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي۔

سُبحٰنَ الله! معلوم ٿيو حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بخشش يقيني آهي، اهي قطعي يقيني جنّتي آهن، ڇوته الله پاڪ هن آيتِ ڪريمه ۾ انهن جي بخشش جو ۽ انهن جي وڏي ثواب جو اعلان فرمايو آهي۔

وہ دسوں جن کو جنت کا مثردہ ملا    اس مبارک جماعت پہ لاکھوں سلام

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ تِلاوتِ قرآنِ ڪريم

پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه قرآنِ ڪريم تي عمل ڪرڻ ۾ به وڏا پڪا هئا، جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه خليفه بڻيا ته سندن عادتِ مبارڪه هئي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه قرآنِ پاڪ ٻُڌي پنهنجي فيصلي کان رُڪجي ويندا هئا، ڪڏهن به قرآنِ ڪريم جي خِلاف فيصلو نه ڪندا هئا۔ هڪ ڀيري هڪ شخص ڪو جُرم ڪيو، ان کي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِدمت ۾ پيش ڪيو ويو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان کي سزا ٻُڌائي ته ان هيءَ آيت سڳوري پڙھي:

خُذِ الْعَفْوَ وَ اْمُرْ بِالْعُرْفِ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْجٰهِلِیْنَ(۱۹۹) (پاره9،سورۃالاعراف:199)

ترجمو ڪنزالايمان:  اي محبوب معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ ڀلائي جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ.