Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! اسان به قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو صدقو نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان جي زندگي قرآنِ ڪريم جي آئينه دار ٿي وڃي۔ حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: بيشڪ قرآن ڪريم شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ هن جي شفاعت قبول به ڪئي ويندي، پوءِ جيڪو قرآنِ ڪريم کي پنهنجو امام ۽ پيشوا بڻائي وٺندو، قرآن ڪريم ان کي جنت ۾ وٺي ويندو ۽ جيڪو قرآنِ مجيد کي پٺي (يعني ڇڏي) ڏيندو، قرآنِ مجيد ان کي جهنّم ۾ ڌڪي ڇڏيندو۔([1])

گَرْ تُو مِی خَواہِی مُسَلْمَاں زِیْسْتَنْ                                                                                نَیْسْت مُمْکِنْ جُزْ بَہ قُرْآں زِیْسْتَنْ

ترجمو: جيڪڏهن مسلمان بڻجي زندگي گذارڻ چاهيو ٿا ته بغير قرآن جي ايئن هر گز ممڪن نه آهي.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم

مدرسة المدينه (اسلامي ڀائرن جي لاءِ)

پهريان ”مدرسة المدينه بالغان“ چيو ويندو هو، هاڻي مدرسة المدينه (اسلامي ڀائرن جي لاءِ) چيو ويندو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم سان محبت ڪرڻ جي لاءِ، قرآنِ ڪريم جي تلاوت جو ذهن بنائڻ جي لاءِ، قرآنِ ڪريم سمجھڻ جو، قرآنِ ڪريم تي عمل ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِين ۽ دُنيا جون کوڙ ساريون ڀلائيون نصيب ٿينديون۔


 

 



[1]...مُصَنَّف عَبْدُ الرَّزَاق، باب: تعلیم القران، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030۔