Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

زلف رکڻ“ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

اي عاشقانِ رسول! زلف رکڻ پياري پياري آقا، مديني واري مصطفىصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنّتِ مبارڪه آهي * پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هميشه پنهنجي مٿي مبارڪ جا وار شريف پورا رکيا۔ * ڪڏهن اڌ ڪن مبارڪ تائين، ڪڏهن ڪن مبارڪ جي پاپڙين تائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا زلف مبارڪ وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي چمندا هئا۔ (شمائل محمدیہ، باب:شعر رسول اللہ، صفحہ:104، حدیث:24۔) حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون؛ منهنجي سرتاج، صاحبِ معراج صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا زلف مبارڪ ڪن جي پاپڙي کان ٿورو هيٺ هوندا هئا ۽ مبارڪ ڪلهن کي چمندا هئا. (شمائل محمدیہ، باب:خلق رسول اللہ، صفحہ:35، حدیث:25۔)

 اي عاشقانِ رسول! مٿي جي وچ مان سينڌ ڪڍڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي۔ بهارِ شريعت ۾ آهي: ڪي ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن، اها سنّت جي خلاف آهي۔ سنت اها آهي ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي، ڪي ماڻهو وري سينڌ ناهن ڪڍندا بلڪه وارن کي سڌو رکندا آهن اها سنت ناهي، اهو يهود و نصاريٰ جو طريقو آهي. (بہار شریعت، جلد:3، صفحہ:587-588، حصہ:16) الله پاڪ اسان سڀني کي سنتن جو عامل بڻائي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد