Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

ڪو ٻيو نبي ڪيئن ٿو بڻجي سگھي۔ لِهٰذا مُوافقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مڃڻ خَتمِ نبوت جو اِنڪار نه آهي بلڪه الحمد لله! خَتمِ نبوت جو زبردست دليل آهي۔

تمہارے بعد پیدا ہو نبی کوئی نہیں ممکن       نبوت ختم ہے تم پرکہ ختم الانبیاءتم ہو([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شانِ فاروقِ اعظم بزبانِ قرآن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جون 20 آيتون ته اهي آهن جيڪي اسلام جي ٻي خليفي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي راءِ جي مُوَافِق نازِل ٿيون، اهڙي طرح قرآنِ ڪريم جون 20 آيتون اهي به آهن جيڪي حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۾ نازِل ٿيون ۽ انهن ۾ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو شان ۽ عظمت بيان ڪئي وئي آهي۔ اچو! انهن آيتن مان صِرف 2 آيتون ٻڌون ٿا ۽ جيڪڏهن 20 آيتن جي تفصيلي معلومات حاصِل ڪرڻ چاهيو ته ان لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”فيضانِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه“ پڙهي وٺو۔

(1): فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه نيڪ مومن آهن

سُلطَانُ المُفَسِّرِين حضرت عبد الله بن عبَّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن مُعَامَلي ۾ فِڪر مند هئا، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! فِڪر جي ڪهڙي ڳالھ آهي، الله پاڪ اوهان سان گڏ آهي، ملائڪ اوهان سان گڏ آهن، حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل عَلَيهمَا السَّلَام اوهان سان گڏ آهن، حضرت ابو


 

 



[1]...سامانِ بخشش، صفحہ:166۔