Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

”مدني قاعِده(madani qaida) “ موبائِل ايپليڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ موبائِل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، هن جو نالو آهي: مدني قاعِده (Madani Qaida)۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعِده ۽ ان جو آڊيو (Audio) شامِل ڪيو ويو آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعِدو پڙهي، هن جي مشق (Practice) ڪري دُرُست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگھجي ٿي۔ اها ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220۔