Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

* آخر مسجدِ نبوي شريف ۾، نمازِ فجر پڙھائيندي، هڪ ڪافِر خنجر سان سندن تي حملو ڪيو، جنهن سبب زخمي ٿي پيا ۽ مديني پاڪ ۾ شهادت جي موت نصيب ٿي۔ حضرت صُهيب رَضِىَ اللهُ عَنۡه سندن نمازِ جنازه پڙھائي ۽ روضي پاڪ ۾ حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پهلو مبارڪ ۾ دَفن ٿيا۔([1])

حیاتی میں تو تھے ہی خدمتِ محبوبِ خالق میں           مزار اب ہے قریبِ مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جا کوڙ سارا پهلو آهن، انهن مان هڪ تمام اَهم پهلو: حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو قرآنِ ڪريم سان گهرو تعلق آهي۔ الحمد لله! تمام صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان ئي قرآنِ ڪريم سان گهڻي محبت ڪندا هئا، قرآنِ ڪريم سکندا، سمجھندا هئا، قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا، ان تي عمل ڪندا هئا پر حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ کي پڙھو ته سندن جو قرآنِ ڪريم سان الڳ قِسم جو ئي تعلق نظر اچي ٿو۔ مثال طور تي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو ئي ڏسي وٺو!

حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اسلام قبول ڪرڻ جو  واقعو

مَشهور واقعو آهي: حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه اڃا اسلام قبول نه ڪيو هو، پاڻ اسلام جا سخت دُشمن هئا، هڪ ڏينهن سخت ڪاوڙ ۾، اُگھاڙي تلوار کڻي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مَعَاذَالله! شهيد ڪرڻ جي ارادي کان وڃي رهيا هئا، رستي ۾ خبر پئي ته سندن ڀيڻ به ڪلمو


 

 



[1]...کرامات فاروقِ اعظم، صفحہ:5تا6خلاصۃً۔