Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

النَّعْلَیْن پڻ چيو ويندو آهي يعني حُضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعلين شريف ۽ وهاڻو مبارڪ کڻڻ، رکڻ وارا۔([1])

ايڏي وڏي رُتبي وارا صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه نصيحت فرمائي رهيا آهن: جڏهن به نيڪن جو تذڪرو ٿئي ته جلد ئي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ذِڪر به ڪيو! ٿورو غور فرمايو! حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت عمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان پنهنجي محبت جو اِظهار ڪيتري زبردست انداز ۾ ڪيو آهي، فرمائي رهيا آهن: جيڪڏهن مون کي خبر پئجي وڃي ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪنهن ڪتي سان محبت ڪن ٿا ته مان به ان سان محبت ڪندس يعني اهڙي حقير شيء جنهن سان عموماً محبت ناهي ڪئي ويندي، جيڪڏهن فرض ڪيو حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان سان محبت ڪن ۽ مون کي معلوم ٿي وڃي ته مان به ان شيء سان محبت ڪندس۔

سُبحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان سان، اَهلِ بيت اطهار رَضِىَ اللهُ عَنۡهم سان، خلفاءِ راشدين سان، پهرين خليفي حضرت ابو بڪر صديق سان، ٻئين خليفي حضرت عمر فاروق سان، ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني سان، چوٿين خليفي حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡهم سان ڪمال محبت ڪرڻ، ان جو گهڻو ادب ڪرڻ، انهن جي تذڪري سان زبان تَر رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

ہر صحابئ نبی، جنّتی جنّتی              چار یارِ نبی، جنّتی جنّتی

ابو بکر و عمر، جنّتی جنّتی              عثمانِ غنی، جنّتی جنّتی

فاطمہ اور علی، جنّتی جنّتی              حَسَنْ بھی حُسَیْن بھی، جنّتی جنّتی


 

 



[1]...بخاری، کتاب:فضائل اصحاب النبی، باب:مناقب عبداللہ بن مسعود، صفحہ:950، حدیث:3761۔