Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

خير! حضرت ابو ذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه خاص انهيء نوجوان کان دُعا ڇو ڪرائي رهيا هئا، هن جو سبب وڏو ايمان افروز آهي، حضرت ابوذر غفاريءَ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان نوجوان کي فرمايو: منهنجي لاءِ مغفرت جي دعا گھرو ڇوته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو آهي: بيشڪ الله پاڪ حق کي عمر جي زبان تي رکي ڇڏيو آهي ۽ مون اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زبان مبارڪ مان ٻڌو آهي ته تون تمام سٺو انسان آهين۔([1])

رہے تیری عطا سے یا خُدا تیری عنایت سے     ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروقِ اعظم کا

بھٹک سکتا نہیں ہر گز کبھی وہ سیدھے رستے سے         کرم جس بخت ور پر ہو گیا فاروقِ اعظم کا([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دِين اسان تائين رِوايتن ذريعي پهتو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هينئر مُوَافقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ ٻڌو، بعض نادان فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي انهن موافقات جو اِنڪار ڪندا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته موافقاتِ عمر کي مڃڻ سان خَتمِ نبوت جو اِنڪار لازِم اچي ٿو، مثال طور جيڪڏهن اسان مڃون ٿا ته هڪ جملو جيڪو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زبان مان نڪتو هو، پوءِ اهو ئي جملو قرآني آيت بڻجي نازِل ٿيو ته هن جو مطلب اهو نڪرندو ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي به مَعَاذَ الله! وَحي نازِل ٿيندي هئي ۽ اهو خَتمِ نبوت جو اِنڪار آهي، لهٰذا مُوَافقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مڃڻ درست نه آهي۔


 

 



[1]...مستدرک، کتاب:معرفۃ الصحابۃ، ان اللہ جعل الحق، جلد:4، صفحہ:40، حدیث:4557۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:526۔