Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

* رهي اها ڳالھ ته جيڪڏهن مُوَافقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مڃيو وڃي ته هن سان خَتمِ نبوت جو انڪار ٿئي ٿو ته اها ڳالھ بلڪل غلط آهي، مُوَافِقاتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مڃڻ سان خَتمِ نبوت جو انڪار نٿو ٿئي بلڪه اهو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آخري نبي هئڻ جو زَبردست دليل آهي۔ اهو ڪيئن؟ اهو سمجھڻ جي لاءِ هڪ حديثِ پاڪ سمجھو!

”خَتمِ نبوت“ بابت زبردست دليل

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حديثِ پاڪ آهي: لَوْ کَانَ بَعْدِی نَبِیًّا لَکَانَ عُمَر جيڪڏهن مون کان بعد ڪو نبي ٿئي ها ته ضرور عمر ٿئي ها۔([1])

سُبحٰنَ الله! ڇا شان آهي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو۔ اها حديثِ پاڪ خَتمِ نبوت جو به دليل آهي ۽ الحمد لله! عِلمِ غيب جو به بهترين دليل آهي۔ ڏسو! مِثَال طور تي جيڪڏهن سُوال ڪيو وڃي ته جنهن جاءِ تي اڄ مِينَارِ پاڪستان ٺهيل آهي، هن جاءِ تي فرض ڪيو مِينَارِ پاڪستان نه هجي ها ته ڇا هجي ها؟ ڇا ڪو شخص هن سُوال جو يقيني جواب ڏئي سگھي ٿو؟ نٿو ڏئي سگھي، جيڪڏهن ڪو چوندو ته هن جاءِ تي هوٽل هجي ها، ته اهو به چئي سگھجي ٿو ته هتي هوٽل نه مسجد هجي ها۔ يعني ڪو به شخص حَتمِي طور تي نٿو ٻڌائي سگھي ته جيڪڏهن مِينَارِ پاڪستان نه هجي ها ته هن هنڌ ڇا هجي ها۔ هاڻي ڏسو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد قيامت تائين ڪو نبي نه ايندو، نئون نبي اچڻ بلڪل ناممڪن آهي، فرض ڪيو جيڪڏهن نئون نبي اچڻ ممڪن هجي ها ته ڪير


 

 



[1]...مستدرک، کتاب:معرفۃ الصحابۃ، لو کان بعدی نبی، جلد:4، صفحہ:38، حدیث:4551۔