Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

عمر کافی نبی کو حَسْبُکَ اللہ سے یہ ثابت ہے          ہے شاہد جن پہ قرآں حضرت فاروق اعظم ہیں

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 (2):”فاروقِ اعظم“جي لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي

        پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 26، سوره حُجُرات جي ٻي آيت ۾ مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ  بارگاھ ۾ جڏهن ڪجھ عرض ڪرڻو هجي ته هن ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ته ڪنهن جو به آواز هر گز محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آواز مبارڪ کان بلند نه ٿئي، نه ته توهان جا عمل، توهان جون نمازون، توهان جا روزا، توهان جا حج برباد ٿي وڃڻ جو انديشو آهي۔

تِرمذي شريف جي روايت آهي، جڏهن اهو حڪم نازِل ٿيو ته حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر فاروقِ اعظم ۽ ٻين ڪجھ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان پاڻ تي وڌيڪ احتياط لازِم ڪري ورتو، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايترو ته آهسته آواز ۾ گفتگو ڪندا هئا جو ڪڏهن ڪڏهن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻيهر پڇڻو پوندو هو ته ڇا ٿا چئو۔([1]) سندن حق ۾ الله پاڪ فرمايو:

اِنَّ الَّذِیْنَ یَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰٓىٕكَ الَّذِیْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰىؕ-لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّ اَجْرٌ عَظِیْمٌ(۳)  (پاره26،سورۃالحجرات:3)

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ جيڪي پنهنجو آواز جهڪو رکندا آهن الله جي رسول وٽ اهي ئي آهن جن جي دل الله پرهيزگاري جي واسطي پرکي ڇڏي آهي انهن جي واسطي بخشش ۽ وڏو ثواب آهي.


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:تفسیر القرآن، باب:من سورۃ الحجرات، صفحہ:753، حدیث:3266۔