Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

اسلام قبول ڪرڻ مَدَد هو، بيشڪ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو خليفو بنجڻ فتوحات (يعني ڪاميابين) جو ذريعو هو، الله پاڪ جو قسم! جڏهن حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه شهيد ٿيا، دُنيا جي هر شيء ايستائين جو وڻن کي به ان جو ڏُک ٿيو، الله پاڪ جو قسم! مان سمجھان ٿو، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ هڪ ملائڪ هو جيڪو کين قُوَّت ڏيندو ۽ هدايت ڪندو هو، الله پاڪ جو قسم! جيڪڏهن مون کي خبر پئجي وڃي ته حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪنهن ڪُتي سان محبت ڪندا ها ته مان به ضرور ان ڪتي سان محبت ڪيان ها۔([1])

بہارِ باغِ ایماں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں    چراغِ بَزْمِ عرفاں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں

نہ کیوں وہ ذات چمکے، جس نے دِیْنِ پاک چمکایا جہاں کے مہرِ تاباں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں

وہ عالم دَبدَبہ کا، کانپتے ہیں قیصر و کِسریٰ         ہے جن سے دِین کی شاں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں[2]

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه فقيھ اصحابن مان آهن يعني * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏي رُتبي وارا صحابي به آهن * ماهر عالِمِ دين به آهن * ۽ وڏي رتبي وارا مفتي به آهن * صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضوَان سندن کان فتوائون پڇندا هئا * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو قرآنِ ڪريم ايئن پڙهڻ چاهي ٿو جيئن نازِل ٿيو آهي، ان کي گھرجي عبد الله بن مسعود جيان پڙھي۔([3]) * پياري نبي، سچي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعلين شريف ۽ وهاڻو مبارڪ کڻڻ، رکڻ جي خدمت حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حوالي هئي، ان ڪري کين  صَاحِبُ الْوِسَادَۃِ وَ


 

 



[1]...مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب:الفضائل، فی فضل عمربن الخطاب، جلد:7، صفحہ:480، حدیث:22۔

[2]...دِیوانِ سالِک، صفحہ:28۔

[3]...سنن کبریٰ للنسائی، کتاب:المناقب، عبداللہ بن مسعود، جلد:7، صفحہ:352، حدیث:8199۔