Mola Ali Shair e Khuda

Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

ڏاڙهي مبارڪ جھلي زارو قطار روئيندا ۽ زخمي شخص وانگر تڙپندا هئا. مون پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي اهو فرمائيندي ٻڌو: اي دنيا! ڇا تو مون کان منهن ڦيري ورتو آهي يا اڃا منهنجي مشتاق (يعني منهنجو شوق رکندڙ) آهين؟ اي ڌوڪيباز دنيا! وڃ، ڪنهن ٻي کي دوکو ڏي، آئون توکي ٽي طلاقون ڏيئي چڪو آهيان هاڻي انهي ۾ هرگز رجوع ناهي، تنهنجي عمر تمام گھٽ ۽ تنهنجون آسائشون ۽ نعمتون نهايت حقير آهن، ۽ تنهنجا نقصان تمام گھڻا آهن، هاءِ! (آخرت جو) سفر انتهائي ڊگھو آهي، ثمر تمام گهٽ ۽ رستو نهايت ئي خطرناڪ ۽ وَر وَڪڙ وارو آهي. اهو ٻڌي ڪري حَضرتِ سيدنا اَمِيرِ مُعاوِيہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اکين مان لُڙڪ وهڻ لڳا ايستائين جو ڏاڙهي مبارڪ لڙڪن سان آلي ٿي ويئي ۽ اُتي موجود ماڻهو به زارو قطار روئڻ لڳا، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ ابو الحسن حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم تي رحم فرمائي، الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم اُهي اهڙا ئي هئا.

 (ڪراماتِ شيرِ خدا ، ص۳۹) (عيون الحڪايات، ص: ۲۵)

اشک بار آنکھیں عَطا ہوں دل کی سختی دُور ہو

دیجئے خَوفِ خُدا مَولیٰ علی مُشکل کُشا!

پَیکرِ جُود و سخا تُو میں فقیر و بے نوا

تُو ہے داتا میں گدا مَولیٰ علی مُشکل کُشا!

(وسائل بخشش،ص:۵۲۴)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد