Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

شيرِ خدا جو عشق مصطفٰي

    اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم  جي دل عشقِ رسول جي عظيم دولت سان سرشار هئي. پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ويجھو سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ مبارڪه ڪائنات جي هر شيءِ کان عزيز تر هئي. جيئن ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان ڪنهن سوال ڪيو ته اوهان کي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري محبت آهي؟ فرمايائون: خدا جو قسم! حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي پنهنجي مال، اولاد، والدين ۽ سخت اُڃ جي وقت ٿڌي پاڻي کان به وڌيڪ محبوب (پيارا) آهن. (الشفاء بتعريف حقوق المصطفٰي، القسم الثاني، الباب الاول، فصل في ماروي عن السلف والائمة، الجزء الثاني، ص۲۲، ڪرامات شيرِخدا، ص۳۹)

پیکرِ خوفِ خُدا اے عاشقِ خیر الوریٰ

تم سے راضی کبریا مولیٰ علی مشکل کشا!

(وسائلِ بخشش :۵۲۱)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته حَضرتِ علي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کان جڏهن پڇيو ويو ته پاڻ رَسُوْلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري محبت ڪندا آهن، ته پاڻ قيامت تائين اچڻ وارن مسلمانن کي هي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان جي ويجھو حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات اسان جي مال، اولاد ۽ ماءُ پيءُ کان وڌيڪ محبوب ترين آهن.يقينا مؤمنِ ڪامل ۽ هڪ عاشقِ رسول جي اها سڃاڻپ هوندي آهي ته ان کي پنهنجي ويجھي رشتيدارن، گھروارن، ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي جان کان وڌيڪ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت هوندي آهي ڇو جو پنهنجي جان سڀ کي