Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

”عمامو شريف “جي نَواکرن جي نسبت سان  عمامي جا 9 مدني گل

اچو ته ! عمامي جي متعلق مدني گل ٻڌون ٿا.

ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم :      (1)عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ (الفردوس بماثورالخطاب ج 2 ص 265 حديث 3233) (2)عمامي سان گڏ نماز ڏهه هزار نيڪين جي برابر آهي. (ايضاً ج 2 ص 406 حديث 3805 فتاويٰ رضويه ج 6 ص 213) (3)عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) (4)عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) (5) رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ (6) ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي. (فتاويٰ رضويه ج 7 ص 299) (7)عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو . (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 330) (8)جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو ـ (ملخص از فتاويٰ رضويه ج 6 ص 214) (9)مٿي اگھاڙي رهندڙ جي وارن تي سردي گرمي ۽ اُس وغيره سڌو سنئون اثر ڪندي آهي ان سان نه صرف وار بلڪه دماغ ۽ چهرو به متاثر ٿيندو آهي ۽ صحت کي نقصان پهچي سگھي ٿو، تنهن ڪري سنت جي