Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

نالو ۽ نسب ۽ حليو مبارڪ

    اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم مڪّة المڪرَّمہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ پيدا ٿيا.  پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي امڙ سڳوري حضرت سيِّدَتُنا فاطِمہ بنتِ اَسَد رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پنهنجي والد جي نالي تي سندن نالو ”حيدر“ رکيو، والد سندن نالو ”علي“ رکيو. حُضورِ پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي  ”اَسَدُ الله“ (الله جو شينهن) جي لقب سان نوازيو، انهي کان علاوه ”مُرتضيٰ“ (يعني چُونڊيل)، ”ڪَرَّار“ (يعني مُڙي مُڙي حملا ڪرڻ وارو)، ”شيرِخُدا“ ۽ ”موليٰ مُشڪل ڪُشا“ پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جا مشهور لقب آهن. پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم مڪّي مَدَني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ       صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي  چاچي جا پُٽ آهن. (مراٰ ۃ المناجيح ج ۸ ص۴۱۲ وغيرہ ملخصا،ڪراماتِ شيرِخدا،ص:۱۱) چوٿون خليفو، جانشينِ رسول، زوجِ بَتُول، حضرتِ سيِّدُنا علي بن ابي طالب كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ڪُنيَت ”ابوالحسن“ ۽ ”ابوتراب“ آهي.

اس نے لقبِ خاک شہنشاہ سے پایا

جو حیدرِ کرّار کہ مولیٰ ہے ہمارا

(حدائقِ بخشش :ص 32)

    پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم  شہَنشاھِ ابرار،  مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي چاچي ابوطالب جا فرزندِ اَرجمَند آهن. عامُ الفيل کان 30 سال پوءِ (جڏهن حضور نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي عمر شريف 30 سال هئي) 13 رَجَبُ المُرَجَّب جُمعي جي ڏينهن پيدا ٿيا. موليٰ مُشڪل ڪُشا