Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

(تاريخ الخُلَفاء ص۱۳۲، اسد الغابةج۴ ص۱۲۸، ۱۳۲، ازالة الخفاء ج۴ ص۴۰۵، معرفة الصحابة ج۱ ص۱۰۰ وغيرہ، ڪراماتِ شيرخدا،ص:۱۱)

اَصْلِ نسلِ صَفا وجہِ وصلِ خدا

بابِ فضلِ ولایت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش: ۳۱۳)

    سندن جو قد مبارڪ نه ڊگھو ۽ نه وڌيڪ ننڍو هو بلڪه درمياني قد وارا هئا، اکيون وڏيون وڏيون ۽ چهرو مبارڪ انتهائي خوبصورت هو جيئن چوڏهين جو چنڊ. حضرت علي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ٻنهي ڪلهن جي درميان فاصلو هو. هٿن جون تِريون ۽ ڪلهن جون هڏيون مضبوط هيون ۽ ڪنڌ مبارڪ چاندي جي گھُگھي نمان هو، مٿي مبارڪ تي وار پيشاني تي نه بلڪه پٺيان جي طرف هئا ۽ ڏاڙهي مبارڪ گھاٽي هئي جنهن جو هر وار بغير خضاب جي ڪارو هو۽ ٻانهون ۽ هٿ سخت مضبوط هئا.   (الریاض النضرۃ،ج۳،ص۱۰۷۔۱۰۸)

! مَرحب کُشا خَیبر کُشا! مرتضیٰ شیرِ خُدا

! مشکل کشا! سَرورا! لشکر کشا امداد کن

(حدائقِ بخشش: ۳۲۳)

شيرِ خدا جو ننڍپڻ

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان مولٰي علي مُشڪِل ڪُشا، شيرِ خدا  كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جو ننڍپڻ ڏسون ته اهو به بي نظير ۽ بي مثال هو، پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم ننڍپڻ کان ئي نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبت ۾ رهي ڪري تربيت حاصل فرمائيندا هئا. رحمتِ دو عالم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪفالت فرمائي، ننڍپڻ ۾ ئي