Book Name:Mola Ali Shair e Khuda
سيدنا ضَرار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: اميرُالمؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن جي علم و عرفان جو اندازو لڳائي نٿو سگھجي، پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم الله عَزَّوَجَلَّ جي معاملي ۾ ۽ ان جي دين جي حمايت ۾ مضبوط ارادا رکندا هئا. فيصله ڪُن گفتگو ڪندا هئا، ۽ انتهائي عدل و انصاف کان ڪم وٺندا هئا. پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن جي ذات علم ۽ حڪمت جو سرچشمو هئي، جڏهن گفتگو ڪندا هئا ته زبان مبارڪ مان حڪمت ۽ دانائي جا الفاظ نڪرندا هئا، دنيا ۽ ان جي رنگينين کان ڊڄندا هئا، رات جي اونداهي ۾ (الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت) سان خوش ٿيندا هئا، الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم تمام گھڻو روئڻ وارا، دور انديش ۽ غمزده هئا، پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندا، کُهرو ۽ ٿلهو لباس پسند فرمائيندا ۽ ٿُلهي ماني کائيندا هئا. الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! رعب ۽ دٻدٻو اهڙو هو جو اسان مان هر ڪو ساڻن ڳالهائيندي ڊڄندو هو، حالانڪه جڏهن به اسان حاضر ٿيندا هئاسين ته ملڻ ۾ پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم اڳڀرائي ڪندا هئا، جڏهن اسان سوال ڪندا هئاسين ته جواب ارشاد فرمائيندا هئا، ۽ اسان جي دعوت قبول فرمائيندا هئا، جڏهن مُرڪندا هئا ته ڏند مبارڪ ائين معلوم ٿيندا هئا جيئن موتين جي لڙي، پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم پرهيزگارن جو احترام ڪندا ۽ مسڪينن سان محبت فرمائيندا هئا، ڪنهن طاقتور يا مالدار کي ان جي باطل (يعني بيڪار) خواهش ۾ اميد نه ڏياريندا هئا، ڪوبه ڪمزور شخص پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي عدالت مان مايوس نه ٿيندو هو بلڪه ان کي اُميد هوندي هئي ته هتان مون کي ضرور انصاف ملندو. الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون ڏٺو جڏهن رات ايندي هئي ته پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم پنهنجي