Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

1۔   صبح سويري صدقو ڏيو جو بَلا صدقي کان اڳيان قدم نه ٿي وڌائي.

(شُعَبُ الإيمان، باب في الزکاۃ، التحريض علي صدقة التطوع، الحديث:۳۳۵۳،ج۳،ص۲۱۴)

2۔   بي شڪ مسلمان جو صدقو عمر وڌائيندو ۽ بُري موت کي روڪيندو آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان صَدَقي ڏيڻ واري کي تڪبّر ۽ تفاخر پري ڪري ڇڏيندو آهي.  (المعجم الڪبير للطبراني، الحديث:۳۱،ج۱۷،ص۲۲)

3۔   رب تعالٰي فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! پنهنجو خزانو (صدقو ڪري) منهنجي سپرد ڪري ڇڏ، نه سڙندو نه ٻڏندو ۽ نه چوري ٿيندو، تنهنجي شديد حاجت جي وقت (بروز قيامت) توکي موٽائي ڏيندس.(الترغيب والترھيب، ڪتاب الصدقات، الترغيب في الصدقة والحث عليھا...إلخ،الحديث:۳۰، ج۲،ص۱۰)

    الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي اخلاص سان وڌ کان وڌ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.          اٰمین بجاہِ النبی الامین صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

ہے صدقہ مَیْل پھراس پاک و ستھرے کو روا کیوں ہو

کہ دنیا کھا رہی ہے جس کی آلِ پاک کا صدقہ

(ديوانِ سالڪ، ص۳۱، از رسائلِ نعيميہ)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

شيرِ خدا جون خداداد خوبيون

    هڪ دفعي حَضرتِ سيدنا اَمِيرِ مُعاوِيہ بن سُفيان رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن حضرت سيدنا ضَرار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي فرمايو: ”منهنجي سامهون حَضرتِ سَيّدُنا علي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن جون خوبيون بيان ڪريو.“ ته حضرت