Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

اسلام قبول ڪيو، ننڍي عمر ۾ نيڪي جي دعوت ۾ اڳتي وڌي حصو ورتو ۽ ان راھ ۾ اچڻ وارين رڪاوٽون سندن تربيت جو حصو بڻيون. شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ بچپن جو هڪ خوبصورت گوشو ملاحظه فرمايو. جيئن ته

شيرِ خدا جي پهرين غذا

    پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي والده ماجده حضرت سيدتُنا فاطِمہ بنتِ اسَد رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو بيان آهي اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جڏهن پيدا ٿيا  ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سندن نالو علي رکيو ۽ پنهنجو لعاب سندن وات ۾ وڌائون ۽ پنهنجي زبان انهن کي چوسڻ لاءِ ڏنائون ته پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم زَبان مبارڪ چوسيندي ننڊ  پئجي ويا، جڏهن ٻيو ڏينهن آيو ته اسان سندن كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي کير پيارڻ جي لاءِ هڪ دائي کي گهرايو، پر پاڻ کير نه پيتو، جڏهن ان ڳالھ جي خبر رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏني وئي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تشريف آڻي پنهنجي زبانِ اطهر پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وات ۾ وڌي، حَضرتِ سَيّدُنا علي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم زَبانِ اقدس کي چوسڻ لڳا، چوسيندي وري ننڊ سمهي پيا، پوءِ جيستائين الله عَزَّوَجَلَّ چاهيو اهڙي طرح معاملو هلندو رهيو. (السيرۃ الحلبية،ج۱،ص۳۸۲)

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جو ڇا شان آهي سرورِ ڪونين، رحمتِ دارين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي زَبانِ مبارڪ سندن وات وجهي ڪري برڪتن سان مستفيض فرمائي رهيا آهن. الله عَزَّوَجَلَّ به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذاتِ