Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

فرامينِ شيرِ خدا:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِ خدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن علم ۽ حڪمت سان ڀرپور اهڙا اهڙا نصيحت آموز مدني گُل ارشاد فرمايا آهن جو جيڪڏهن اسان ان تي عمل ڪريون ته دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ۽ ڪامراني اسان جو مقدر بڻجي سگھجي ٿي.

حَضرتِ سَيّدُنا ابنِ عباّس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان مروي آهي ته اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمائن ٿا: ” حَضرتِ عليُ المُرتَضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن اهڙا ڪلمات ارشاد فرمايا آهن جو جيڪڏهن ماڻهو ان تي عمل ڪن ته ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻين ۽ غلط حرڪتن کان بچي وڃن.“ ماڻهن عرض ڪيو: اي اميرُ المؤمنين! اهي ڪهڙا ڪلمات آهن؟“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: ”اهي نصيحت آموز ڪلمات هي آهن. جيئن ته پاڻ فرمائن ٿا:

1۔   تون پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي پسند جو خيال رک، ان سان ڀلائي ڪر پوءِ توکي ان جي طرف کان تنهنجي پسنديده شيءِ ئي ملندي.

2۔   ڪڏهن به مسلمان ڀاءُ جي ڪلام ۾ بدگُماني نه ڪر (هميشه چڱي ڳالھ تلاش ڪر) توکي ضرور ان ڪلام ۾ چڱي شيءِ ملي ويندي.

3۔   جڏهن تنهنجي سامهون ٻه ڪم هجن ته ان ڪم ۾ هرگز نه پئو جنهن ۾ نفس جي پيروي ڪرڻي پوي، ڇو جو نفس جي پيروي ۾ سراسر نقصان آهي.