Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

اي چاندي مون وٽان هليو وڃ، افسوس هاءِ افسوس. ايستائيمن جو ڪو درهم ۽ دينار نه بچو، پوءِ بيتُ المال ۾ پاڻي جو ڇڙڪائو جو حڪم ڏنو ۽ ان جڳھ تي ٻه رڪعتون نماز ادا فرمائي.

(فضائل الصحابہ لامام احمد بن حنبل ج۱ ص۵۳۱ ح۸۸۴ بتصرف، اللہ والوں کی باتیں ، ص:۱۶۸)

دل سے دنیا کی مَحبَّت دُور کر کے یا علی!

دیدو عشقِ مصطَفٰے مَولیٰ علی مشکل کُشا!

(وسائلِ بخشش: ۵۲۳)

بغير گھُري عطا فرمائڻ وارا

    پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: جڏهن مون کان ڪنهن ڪجھ گُھريو ته مون ان کي عطا ڪيو ۽ جڏهن نه گھُريو ته به مون بغير گھُري ڏنو.

(الڪامل في الضعفاء الرجال لابن عدي الرقم۷۷۵، ج۴، ص۳۳۳، اللہ والوں کی باتیں ، ص:۱۴۹)

بھیک لینے کے لئے دربار میں منگتا ترا

لے کے کشکول آگیا مولیٰ علی مُشکِل کُشا

(وسائل بخشش،ص:۵۲۴)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! هي آهي حضرتِ سيّدُنا مَولٰي علي مُشڪل ڪُشا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي دُنيا کان بي رغبتي ۽ خيرات ۽ سخاوت جو عالم جو پاڻ وٽ ڪجھ به رکڻ پسند نه نه فرمائيندا هئا بلڪه سڀ ڪجھ الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ قربان ڪري ڇڏيندا هئا. اسان کي به مَولٰي علي مُشڪل ڪُشا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي پيروي ۾ وڌ کان وڌ صَدَقو ۽ خيرات ڪرڻ گھرجي. صَدَقي ۽ خيرات جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ انهيءَ متعلق ٽي (3) فَرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻڌون.