Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

جاري ٿي ويندو. الله عَزَّوَجَلَّ  اسان کي بُزُرگانِ دين جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ النَّبِیِّ الاَمِیۡن     صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اچو ته! اوهان جي ترغيب و تحريص جي لاءِ چوڪ درس جي هڪ مدني بهار اوهان جي گوش گذار ڪيان ٿو.

ناچ رنگ ۽ شراب جو عادي

    هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهرين آئون نه صرف گناهن جي ڌُٻڻ ۾ نهايت بُري طرح ڦاٿل هئس بلڪه منهنجا عقائد به دُرست نه هئا. نمازن کان ايتري قدر غافل هئس جو عيد جي نماز پڙهڻ به نصيب نه ٿيندي هئي. رَمَضانُ المبارڪ ۾ سڀ مسلمان روزا رکندا  پر بدقسمتي سان آئون ان سعادت کان محروم هئس. ڏينهن جو هڪ دڪان تي مُلازمت ڪندو هئس پر سڄي رات چرس ۽ شراب جي نشي ۾ ڌُت رهندو هئس. ٽي وي تي فلمون ڊراما ڏسندو ۽ بدنگاهي سان پنهنجي نامهءِ اعمال ۾  گناهن جو اضافو ڪندو رهندو هئس. شادين ۾ ناچ گاني جو شوقين هئس. ظلمتِ عصيان (گناهن جي اونڌاهي) کان نڪرڻ جو سبب هي ٿيو ته اسان جي دڪان جي سامهون ڪجھ اسلامي ڀائر فيضانِ سُنت مان چوڪ درس ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آئون به رسمي طور تي شرڪت ڪري وٺندو هئس. اهي بار بار مون کي سُنتن ڀرئي اجتماع جي دعوت ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا پر آئون هر دفعي ڪو بهانو ٺاهي وٺندو هئس. هڪ ڏينهن انهن جي منٿ ميڙ تي مون اجتماع ۾ شرڪت جي هامي ڀري ورتي ۽ اجتماع ۾ حاضر ٿي ويس. جڏهن اتي پهتس ته اجتماع ۾ ٿيڻ واري