Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

فالج وارو ٺيڪ ٿي ويو

  هڪ ڀيري اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم پنهنجي ٻنهي شهزادن حَضرتِ سَيّدُنا امامِ حسن ۽ حَضرتِ سَيّدُنا امامِ حُسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان گڏ ڪعبي جي حرم ۾ موجود هئا ته ڏٺائون اُتي هڪ شخص تمام گهڻو روئي رهيو آهي. پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم حڪم ڏنو ته اِنهي شخص کي مون وٽ آڻيو، اُن شخص جو هڪ پاسو جيئن ته فالج وارو هو تنهن ڪري زمين تي ريڙهيون پائيندي حاضر ٿيو، پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم اُنهي جو احوال معلوم فرمايو ته اُن عرض ڪيو: يَا اَمِيرَ المؤمِنِين! آئون گناهن جي مُعامَلي ۾  تمام گھڻو بيباڪ هئس، منهنجا والدِ محترم جيڪي هڪ نيڪ ۽ صالح مسلمان هئا، مون کي بار بار ٽوڪيندا هئا، هڪ ڏينهن والد صاحب جي نصيحت تي مون کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ مون اُنهن تي هٿ کنيو! منهنجي هٿان مار کائڻ کان پوءِ حرمِ ڪعبه ۾ آيا ۽ منهنجي لاءِ بد دُعا ڪيائون، اُنهن جي بد دُعا جي اثر کان يڪدم منهنجي هڪ پاسي تي فالج جو حملو ٿيو ۽ آئون زمين تي گسڪي هلڻ لڳس. انهي غيبي سزا کان مون کي وڏي عبرت حاصل ٿي ۽ مون روئي روئي والد صاحب کان معافي گُھري، انهن شفقتِ پدري کان مجبور ٿي مون تي رحم کاڌو ۽ معاف ڪري ڇڏيو، پوءِ فرمايو: ”پُٽ هل! مون جتي تنهنجي لاءِ بد دُعا ڪئي هئي اُتي ئي تنهنجي لاءِ صحت لاءِ دُعا گھرندس.“ اهڙي طرح اسان پيءُ پٽ ڏاچي تي سوار ٿي مڪي شريف زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ اوچتو ڏاچي ٽَهي ڪري ڀڄڻ لڳي ۽ منهنجو پيءُ