Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

شانِ علي احاديثِ مبارڪه جي روشني ۾

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ جي مختلف آياتِ مبارڪه مان اسان حضرت سَيّدُنا علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي شان ۽ عظمت سماعت ڪئي. ان کان علاوه ڪيترن ئي احاديثِ مبارڪه ۾ نبيِ اَڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پاڻ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جو جيڪو شان بيان فرمايو آهي اچو ته! ان مان ڪجھ فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا. جيئن ته

   .1سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت علي کي فرمايو: اَنْتَ مِنِّي بِمَنْزِلَةِ هَارُونَ مِنْ مُوسَى اِلَّا اَنَّهُ لَا نَبِيَّ بَعْدِي ، يعني تون منهنجي لاءِ ايئن آهين جيئن موسٰي (عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جي ويجھو هارون (عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جو مقام هو پر هي ته مون کان بعد ڪو نبي ناهي. (مسلم ،ص:۱۳۱۰،حديث: ۲۴۰۴)

   .2عَلِيٌ مِّنِّي بِمَنْزِلَةِ رَأسِيْ مِنْ بَدَنِيْ ، يعني علي جو تعلق مون سان ايئن آهي جيئن منهنجي مٿي جو تعلق منهنجي جسم سان آهي. (ڪنزالعمال، ۶/۲۷۷، حديث: ۳۲۹۱۱ )

   .3اَنَادَارُالْحِکْمَۃِ وَعَلِیٌّ بَابُھا يعني آئون حڪمت جوگهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي. (ترمذي ،۵ ص:۴۰۲،حديث:۳۷۴۴)

ایک ذرّہ اپنی اُلفت کا عنایت کر مجھے

اپنا دیوانہ بنا مولیٰ علی مشکل کُشا!

(وسائلِ بخشش:۵۲۴)