Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

جن بيان فرمايا آهن. جيئن ته حضرتِ سَيدُنا عبدُاالله بِن مَسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته سرڪارِ مدينہ، راحتِ قلب وسينہ، فيضِ گنجينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عالي شان آهي: اَنَا مَدِیْنَۃُ الْعِلْمِ وَاَبُوْبَکْرٍ اَسَاسُہَا وَعُمَرُ حِیْطَانُہَا وَعُثْمَانُ سَقْفُہَا وَعَلِیٌّ بَابُہَا يعني آئون علم جو شهر آهيان، ابوبڪر ان جو بنياد، عُمر ان جي ديوار، عثمان ان جي ڇت ۽ علي ان جو دروازو آهن.        

 (مُسندُ الفردوس ج۱ ص۴۲ حديث۱۰۸، ڪراماتِ شيرِ خدا،ص:۲۴)

ترے چاروں ہمدم ہیں یک جان یک دل

ابوبکر فاروق عثمان علی ہے

(حدائقِ بخشش شريف،ص۱۸۸)

محبتِ علي جو تقاضو

    اميرُ المؤمنين حَضرتِ سَيّدُنا عليُ المُرتَضٰي شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن فرمايو: رسولِ ڪريم، رَءُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد سڀ کان بهتر ابوبڪر ۽ عمر آهن پوءِ فرمايو: ’’لَا یَجْتَمِعُ حُبِّیْ وَبُغْضُ اَبِیْ بَکْرٍ وَّعُمَرَ فِیْ قَلْبِ مُؤْمِنٍ يعني منهنجي محبت  ۽ (شَيخَينِ ڪَرِيمَين) جو بغض ڪنهن مؤمن جي دل ۾ جمع نه ٿو ٿي سگھي.“ (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط لِلطّبَراني ج۳ص۷۹ حديث۳۹۲۰، (ڪراماتِ شير خدا،ص:۲۵) سُبْحٰنَ اللہ عَزَّوَجَلَّ  ڄڻ ته مولا علي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم  خود فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن مون سان محبت ڪرڻ جي دعويٰ آهي ته شَيخَينِ ڪَرِيمَين سان به محبت ڪرڻي پوندي نه ته منهنجي محبت ڪو فائدو نه ڏيندي.